سنڌ حڪومت پيٽرول اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي سنڌ حڪومت رد ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت جي ترجمام بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ڪئي آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته اوگرا پيٽرول جي اگهه ۾ 11 رپيا في ليٽر واڌ جي سمري موڪلي هئي، ڪپتان اوگرا جي سمري مان ڪجهه گهٽ گهري واڌ ڪري ڇڏيندي آهي.

هن چيو ته وري نااهل ترجمان واهه واهه ڪندي ته ڪپتان اوگرا جي سمري کي رد ڪري گهٽ واڌ ڪئي.

وڏي وزير جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته اِها واڌ مهانگائي جي هن دور ۾ عوام تي ظلم جي برابر آهي، حڪمرانن کي عوام جي پريشانين ڪو به لحاظ ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.