افغان امن ڪانفرنس 18، 19 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيندي: پرڏيهي ترجمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت دهشتگردي کي رياستي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڀارت طرفان دهشتگردن جي مالي مدد جو معاملو اٿاريو آهي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي زاهد حفيظ چوڌري چيو ته چيني ملازمن يج بس سان پيش آيل حادثي جي گڏيل جاچ ڪئي پئي وڃي، بس حادثي کي دهشتگردي جي حوالي سان به ڏٺو پيو وڃي، چيني اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، ڪنهن رُخ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته افغان امن ڪانفرنس 18، 19 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيندي، ان حوالي سان ڪيترن ئي افغان اڳواڻن کي دعوت ناما موڪليا ويا آهن، اسان افغان مسئلي جي سياسي حل تي زور ڏيون ٿا، افغان عوام کي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي، مسئلي جي حل سان افغان پناهگيرن جي واپسي جا رستا کلڻ گهرجن، اسان افغان پناهگيرن جو بار وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان مطالبو ڪيو ته ڀارت لاهور حملي جي رٿابندي ڪندڙن کي گرفتار ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.