افغان طالبان ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي اختيارين ۾ رابطو، باب دوستي تي پنڌ اچ وڃ بحال

چمن(ويب ڊيسڪ) افغان طالبان ڪمانڊر ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي اختيارين جو باب دوستي تي پهريون رابطو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ باب دوستي کي ٻن ڏينهن جي بندش کان پوءِ پنڌ ايندڙ ويندڙن لاءِ کوليو ويو.

 ليويز اختيارين موجب افغان طالبان ڪمانڊر ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي اختيارين جو چمن ۾ باب دوستي تي پهريون رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ طالبان ۽ پاڪستاني اختيارين باب دوستي بابت اهم اجلاس ٿيو آهي.

ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته باب دوستي کي 2 ڏينهن بندش کان پوءِ پنڌ ايندڙ ويندڙن لاءِ کوليو ويو آهي جنهن کان پوءِ ٻنهي پاسن کان ڦاتل پاڪستاني ۽ افغان شهري جي اچ وڃ شروع ٿي وئي.

اختيارين موجب پاڪستان ۾ ڦاٿل افغان شهري افغانستان وڃي سگهن ٿا جڏهن ته افغانستان ۾ ڦاٿل رڳو پاڪستاني شهري واپس اچي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.