افغانستان ۾ امن ٿيندو ته مقصد اڳتي وڌندا: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ تحفظ هوندو ته اسان جا مقصد اڳتي وڌي سگهندا.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ازبڪستان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته اسان ٻه ٽي معاهدا ڪرڻ پيا وڃون جنهن ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار ۽ اچ وڃ ۾ واڌ ٿيندي، چاهيون ٿا ته پاڪستان جي خطي سان ڪنيڪٽيوٽي وڌي، هتي پاڪستان جي لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن.

افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته خواهش آهي ته افغانستان جي سموري ليڊر شپ سان رابطا وڌايون، اسان افغانستان جي باري ۾ پاڪستان جو نظريو پيش ڪنداسين، پاڪستان جلد ئي افغان ليڊرشپ جي اهم ماڻهن کي اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي جيئن گڏجي ويهي افغان امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهون.

هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ تحفظ هوندو ته اسان جا مقصد اڳتي وڌندا، اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جي جستجو جاري آهي، اميد آهي ته ان ۾ مثبت اڳڀرائي ٿيندي، بنيادي ذميواري افغانين تي آهي، اسان ته سهولتڪاري ڪري رهيا آهيون، اسان امن جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪري ٿا سگهون اُهو ڪري رهيا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪشمير جي باري ۾ سندس رويو اِهو ئي رهيو ته هن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون، ڀارت ته چاهيندو ته ڪوريڊور دهلي تائين وڃي پر دلي جو رستو سرينگر ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.