صدر عارف علوي جو آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز جو دورو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو آهي.

ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد صدر جي آجيان ڪئي، جڏهن ته کيس قومي سلامتي سميت افغانستان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

صدر عارف علوي کي سائبر سيڪيورٽي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته هن قومي سلامتي لاءِ آءِ ايس آءِ جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ ان جي پيشيوراڻي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.