ڪورونا جو ڀارتي قسم خطي ۾ تباهي جو سبب بڻجي رهيو آهي: اسد عمر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير ۽ اين سي او سي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا جو ڀارتي قسم سڄي خطي ۾ تباهي جو سبب بڻجي رهيو آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ اسد عمر ٻڌايو ته اسپتالن ۽ آءِ سي يوز ۾ ڪورونا مريضن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي ۽ ڳڻتي جوڳن مريضن جو انگ به وڌي رهيو آهي.

هن چيو ته ڪورونا جو ڀارتي قسم سڄي خطي ۾ تباهي جو سبب بڻجي رهيو آهي، عوام ايس او پيز تي عمل ڪري، جلد ويڪسين لڳرائي، پنهنجون ۽ ٻين جون زندگيون خطري ۾ نه وجهو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.