قاضي احمد ، ڪوٽري ، ڏھرڪي ، ڳڙھي ياسين ۽ لاڙڪاڻو جون خبرون

پي ٽي آءِ تعلقي قاضي احمد پاران ڳوٺ سونو چانڊيو ۾ عام جلسو

 

ڪوٽڙي: اسپتال جي ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج جاري

 

ڏهرڪي: ڪوڀر ۽ پتافي برادري ۾ جهيڙو، گولي لڳڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي

 

ڳڙھي ياسين :ديناري برادري جي عورتن پاران بااثرن خلاف احتجاج

 

لاڙڪاڻو:جي ٽي آءِ جي مجلس عمومي جو دستوري ۽ چونڊ اجلاس

پاڪستان تحريڪ انصاف تعلقي قاضي احمد پاران قاضي احمد جي ڳوٺ سونو چانڊيو ۾ عام جلسو ڪيو ويو،جنهن ۾ تحريڪ انصاف  ريجن شھيد بينظير آباد جو جنرل سيڪريٽري نديم راجپوت، انصاف ويلفير ونگ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري مير ھزار خان جتوئي، ضلع شھيد بينظير آباد جو صدر امام الدين ڪيريو،تعلقا قاضي احمد جو صدر عبداللطيف رند  ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، جلسي کان اڳ اڳواڻن کي ٽموڙ کان ڳوٺ سونو چانڊيو جلسي گاھ تائين موٽر سائيڪلن ۽ ڪار ريلين جي صورت ۾ جلسي گاھ آندو ويو ان موقعي تي اڳواڻن کي اجرڪن ۽ سنڌي ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا ويا ،جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ عوام جي ٽيڪس مان مليل پئسن جي ڦرلٽ ڪري پئي،پاڪستان تحريڪ انصاف رياست مدينه وانگر رياست ۾ تبديلي آندي آهي .

2

ڪوٽڙِي ۾ پيرا ميڊيڪل عملي پاران اڄ 18 ڏينھن تي به ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف 2 ڪلاڪ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري بلاول ميڊيڪل اسپتال کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن مسعود ميراڻي, ارشد قريشي, قيوم راھوجو,سلمان شورو۽ ٻين چيو ته سالن کان ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي ،هنن مطالبو ڪيوته ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو ……

3

ڏھرڪي ويجھو ڳوٺ دين محمد پتافي ۾زمين جي مالڪي تان ڪوڀر ۽پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ  کانپوءِ جهيڙي دوران گولي لڳڻ سبب نوجوان بختيار پتافي زخمي ٿي پيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثر ڌر جي خادم حسين چيوته اسان جو زمين تي  پنهنجي برادري وارن سان جهيڙو آهي جنهن تي اسان مٿان فائرنگ ڪئي وئي  جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو هڪ همراه زخمي ٿي پيو آهي.

4

ڳڙھي ياسين ڀرسان ديناري برادري جي عورتن پاران برادري جي بااثر ماڻهن خلاف احتجاج ڪيو ويو، ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ رئيس محمد ديناري جي رهواسي مسمات نغمان ديناري ۽ مسمات انور خاتون دانهيندي چيو ته 10 مهينا اڳ سندس پٽ احسان ديناري کي جوابدارن پيرل ديناري ، ڀورل ديناري ۽ ٻين ڪوڙو ڪارنهن جو الزام ڏئي قتل ڪيو هو جنهن بعد هنن ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ، ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ هو مسلسل کين ڌمڪائي رهيا آهن ، هنن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان گهر ڪئي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي .

5

جمعيت طلباء اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي مجلس عمومي جو دستوري ۽ چونڊ اجلاس جامعه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث لاڙڪاڻي ۾ جي ٽي آئي سنڌ جي صدر نعيم الله لغاري جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس۾ جمعيت علماء اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري محبت علي کھڙو ،مولانا جمال مصطفيٰ ، جي ٽي آئي جي نائب صدر اسامه هاليجوي  ۽ جي ٽي آئي جي جوائنٽ سيڪريٽري شفيق الرحمان ڍنگراج شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي چونڊن  ۾ جي ٽِي آءِ ضلعي لاڙڪاڻي لاءِ ثناءالله سيال کي صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته سيڪريٽري جنرل محمد يونس معرفاڻي کي چونڊيو ويو، ،ان موقعي تي ضلعي باڊي جي ميمبرن جي پڻ چونڊ ٿي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.