ميهڙ، ڏهرڪي، مانجهند، ڪنڌڪوٽ ۽ اسلام ڪوٽ جون خبرون

ميھڙ: خوبصورت شاعر،اديب ،ڪمپيئر ۽ اداڪار ديدار دانش کوسي جي ورسي

ڏهرڪي: ميڊيڪل اسٽور مالڪن پاران حڪومتي ٽيڪس پاليسي خلاف احتجاج

مانجهند: تعلقي اسپتال جي معطل ايم ايس جي ٻيهر مقرري خلاف مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ۾ پاپوليشن کاتي پاران ماء جو خيال رکڻ جي عنوان سان آگاهي ريلي

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول بلاڪ ٽو جي مزدورن پاران پاروٿو کاڌو ملڻ خلاف هڙتال

 

1

ميھڙ ۾ خوبصورت شاعر اديب ڪمپيئر اداڪار ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ جي اڳوڻي سيڪريٽري ديدار دانش کوسي جي ڳوٺ خداداد خان کوسو ۾ ٻي ورسي ملهائي وئي، جنهن جي صدارت نامياري اديب شاعر تاج جويي ڪئي ۔ اديبن شاعرن پاران زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۔ دوست ۽ ساٿي ساروڻيون ساري لڙڪ لاڙي ويٺا ۔ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ پاران ديدار دانش کوسي جي شاعري لکڻين ۽ شخصيت بابت ڪتاب ڇپرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، اديبن ۽ شاعرن  ديدار دانش کوسو  کي قوم جي زندگي سنواريندڙ ڪردار ۽ ڪمال جو شاعر اديب نثر نويس ۽ ڪمپيئر قرار ڏنو. صدارتي خطاب ڪندي نامياري اديب شاعر تاج جويي چيو ته گلن جي عمر مختصر ٿيندي آھي ديدار دانش کوسو سنڌي ادب جو خوشبودار ۽ سرھو گل ھو ۔ ھو ڪمال جو شاعر اديب نثر نويس ڪمپيئر اداڪار ھو .

02

ڏهرڪي ۾ وفاقي حڪومت پاران انساني زندگيون بچائيندڙ دوائن تي ٽيڪس لاڳو ڪري لاڳو ڪيل ٽيڪس اڳواٽ ادا ڪرڻ خلاف ڏهرڪي ڊرگ ڪيمسٽ ايسوسيئيشن جي سڏ تي ميڊيڪل اسٽور مالڪن پاران ميڊيڪل اسٽور بند ڪري احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي شنڪر لال، سريش ڪمار، سنيل ڪمار ۽ ٻين چيو پي ٽي آءِ جي ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ انساني جانيون بچائيندڙ مختلف دوائن جا اڳهه ٻيڻ تي وڌايا ويا آهن جنهن جي ڪري 7 روپين واري گوري هاڻي وڌي 12 روپيا ٿي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو  ته وڌايل ٽيڪس ختم ڪئي وڃي .

03

مانجهند ۾ تعلقي اسپتال مانجهند جي معطل  ايم ايس جي ٻيهر مقرري خلاف جي يو آء ۽ سوڍاڻي برادري سڏ تي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي اسپتال گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي ۾ ايس يو پي جسقم ن ليگ جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي ،ان موقعي تي اڳواڻن مولوي سڌير رند ،مولوي عبدالحميد گبول، ايس يو پي اڳواڻ محمد عمر ابڙو ۽ ٻين چيو ته 3 مهينا اڳ سوڍاڻي برادري جي حادثي ۾ زخمي ٿيل پيءُ پٽ ايمبولنس نه ملڻ سبب  تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا جنهن تي سخت احتجاج سبب ايم ايس کي معطل ڪيو ويو پر 3 مهينن کان پوء ايم ايس کي سياسي سفارش تي ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي جنهن کي فوري طور هٽايو وڃي.

4

ڪنڌڪوٽ ۾ پاپوليشن کاتي پاران ماء جو خيال رکڻ جي عنوان سان آگاهي ريلي ڪڍي وئي، ريلي پاپوليشن آفيس کان ذوالفقار ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جتي پاپوليشن جي ملازم ذوالفقار ڏيٿو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ماء جي صحت جو خاص خيال رکيو وڃي  ته جيئن ھن معاشري ۾ ماء صحت مند رھي سگھي ۔ ھن چيو ته مردن کي به اڳيان اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته ھن صحت مند معاشري کي صاف سٿرو ڪري سگهجي ٿو.

10

اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ ٽو تي پاروٿو ۽ غيرمعياري کاڌو فراهم ڪرڻ خلاف سوين پورهيتن پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو،بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ ڊرائيورن ۽ پورهيتن ڪمپني جي اندر احتجاج ڪندي ۽ دانهيندي چيو ته هتي قائم ڪيل ڪينٽين وارا ڪمائي جي لالچ ۾ مزدورن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن، انهن کي وقت تي ماني به صحيح نٿي ملي،ماني ۾ سوڍا وڌي وڃي ٿي جنهن هو بيمار ٿي پون ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته غيرمعياري کاڌو کارائي مزدورن جي زندگين سان کيڏيندڙ ڪينٽين مالڪن خلاف ڪاروائي ڪري انهن جون زندگيون بچايون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.