قطر ويندڙ پاڪستانين لاءِ خوشخبري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قطر پاڪستانين کي خوشخبري ٻڌائيندي ويزا آن ارائيول جي سهولت بحال ڪري ڇڏي.

قطري حڪومت طرفان ان حوالي سان تحريري حڪم به جاري ڪيا ويا آهن ۽ نئين پاليسي به متعارف ڪرائي وئي آهي.

نئين پاليسي موجب قطر ويندي ئي هاڻ پاڪستان کي ايئرپورٽ تي آن ارائيول ٽورسٽ ويزا ڏني ويندي.

پاڪستاني شهرين لاءِ 6 مهينن تائين استعمال لائق پاسپورٽ ۽ ريٽرن ٽڪيٽ جو شرط هوندو، جڏهن ته آن ارائيول ٽورسٽ ويزا لاءِ 100 قطري ريال فيس ادا ڪرڻي پوندي.

قطر ويندڙن جي ڪورونا ويڪسينيشن، ٻارن لاءِ پوليو ويڪسينيشن ضروري هوندي ۽ سفر ڪندڙن کي ڪورونا جي ناڪاري رپورٽ به گڏ آڻڻي پوندي.

ان نار ملڪ ويندڙ پاڪستاني شهرين کي پنهنجا تفصيل آن لائن فراهم ڪرڻا پوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.