افغانستان ۾ امن پاڙيسري ملڪن ۽ خطي لاءِ ضروري آهي: وزيراعظم

 

تاشقند (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن پاڙيسري ملڪن ۽ خطي لاءِ ضروري آهي.

تاشقند ۾ ازبڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، ازبڪستان جي صدر ۽ مون گذريل ملاقات ۾ به واپاري لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون هيون، پاڙيسري ملڪن سان واپار ڪرڻ سان جي زندگي جو معيار بهتر ٿيندو آهي، پاڪ افغان ازبڪستان ريلوي منصوبي سان خطي ۾ انقلاب ايندو.

هن چيو ته افغانستان ۾ امن پاڙيسري ملڪن ۽ خطي جي لاءِ ضروري آهي، اتي پرامن سياسي حل جا خواهشمند آهيون، ازبڪستان جي صدر ۽ مان گذريل ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن ۽ خطي تي پوندڙ اثرن بابت به ڳالهيون ڪيون هيون.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن واري دوري تي اڄ ئي ازبڪستان پهتو آهي.

تاشقند پهچڻ تي اربڪ هم مصنب وزيراعظم جي آجيان ڪئي، عمران خان ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.