حڪومت عيدالاضحيٰ تي پابندين جو اِشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صحت واري خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن  کي نظر ۾ رکندي عيد الاضحيٰ تي پابندين جو اِشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ هو ته ڊيٽا ٻڌائي رهي آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر اچي رهي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ هو ته اين سي او سي روزاني جي بنياد تي فيصلا  ڪندي آهي ۽ موجوده حالتون ٻڌائي رهيون آهن ته عيد الاضحيٰ گهڻي محدود پيماني تي ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته جڏهن ڪو نئون ويريئنٽ ايندو آهي ته سولائيءَ سان پکڙجي ٿو، موجوده ڀارتي ويريئنٽ 50 کان 60 سيڪڙو تيزي سان پکڙجي رهي آهي.

سندس چوڻ آهي ته ڪا به ويڪسين 100 سيڪڙو موثر ناهي هوندي پر گهڻو ضروري آهي ته سمورن ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ هنئي ويندي، موجوده ويڪسين سمورن ويرينٽس تي اثر انداز ٿيندي آهي.

سنڌ حڪومت طرفان ڪورونا پابندين جي تائيد ڪندي خاص مددگار جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جو فيصلو بهتر آهي، آئون انهن سمورن فيصلن مان متفق آهيان ڇو ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 19 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.