افغانستان جي مسئلي تي پاڪستان خاص ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  سڌُ سماءَ واري وفاقي وزي فواد چوڌري چيو آهي ته افغانستان جي مضبوطي ۽ سلامتي جي مسئلي تي پاڪستان جلد هڪ خاص ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو.

 سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته افغانستان جي مضبوطي ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري آهن، وزير اعظم عمران خان ڪجهه دير اڳ ئي افغانستان جي صدر حامد ڪرزئي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ڄاڻايل ڪانفرنس جي تفصيل جلد آڏو اچي ويندي.

فواد چوڌري موجب ڄاڻايل ڪانفرنس ۾ حامد ڪرزئي سميت اهم ترين افغان قيادت کي شموليت جي دعوت ڏني وئي آهي، اميد اهي ته ان اهم اڳڀرائي جي نتيجي ۾ افغانستان جي مسئلي جي نئين اميد جاڳندي.

ذريعن موجب صدر حامد ڪرزئي ، صلاح  الدين رباني، افغان صدر جي خاص نمائندي عمر دائود زئي ۽ اڳوڻي ناڻي وراي وزير عمرزاخيل وال کي اجلاس ۾ شرڪت ج دعوت ڏني وئي آهي جنهن ۾ عمر زاخيل وال ۽ عمر دائود زئي اجلاس ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.