پسني ڀرسان سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جو حملو، ڪيپٽن ۽ سپاهي شهيد

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي سامونڊي پٽي پسني ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جو ڪيپٽن ۽ سپاهي شهيد ٿي ويا.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن پسني جي ڀرسان سيڪيورٽي فورسز تي آءِ اي ڊي سان حملو ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملي ۾ ڪيپٽن عفان مسعود ۽ سپاهي بابر زمان شهيد ٿي ويا.

اداري موجب پسني جي ڀرسان خدا بخش بازار واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي.

آءِ ايس پي آر موجب دشمن عنصرن جي بزدلاڻن حملن سان بلوچستان جو امن تار تا رنه ٿيڻ ڏينداسين، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي عزمن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.