شڪارپور ۾ پاليل ڪتا مارڻ جو ڪيس داخل

شڪارپور(ڊ ر)شڪارپور ۾ ڪتن کي زهر ڏئي مارڻ جو ميونسپل جي سي ايم او سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل،ڪيس جوابدار ڄاڻايلن  گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي،خبر موجب: شڪارپور ۾ ٽن گهريلو ڪتن کي زهر ڏئي مارڻ کانپوءِ ڪتن جي مالڪ غلام سرور شر پاران داخل درخواست تي عدالتي حڪم بعد شھر جي نيوفوجداري ٿاڻي تي چيف ميونسپل ڪاميٽي آفيسر عابد لطيف راجپوت،سليم بروھي،شبير احمد سومرو،ذيشان شيخ ۽ شبير احمد شيخ مٿان قلم 429 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي،جڏھن ته ڪيس ۾ فريادي غلام سرور شر مؤقف اختيار ڪيو آھي ته ڪتا گھر جي جانورن جي حفاظت لاءِ پاليا ھئا جن کي ميونسيپل ڪاميٽي جي ملازمن زھر ڏئي ماري ظلم ڪيو آھي ڇو ته منهنجا ڪتا قيمتي نسل جا هئا جيڪي گھر ٻاھران وڻ ۾ ٻڌل ھئا ته انهن کي زھر ڏئي ماريو ويو آھي،هوڏانهن ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن 30-30 هزارن جي مچلڪن عيوض گرفتاري کان اڳ جي ضمانت ڪرائي ورتي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.