ڪوٽڏيجي ۾بدامني، ٽريڪٽر ٽرالي ڦر، هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽڏيجي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جي باھ پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام چوري ڦورو ڌاڙا روز جو  معمول بڻيل روڊ رستا ويران گذريل رات ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد گوندل اسٽاپ نيشنل هاءِ وي روڊ تي کجور منڊي کان واپس ايندي  ٽالپر وڏا جي ڳوٺ ڌارو خان شنباڻي جي رهواسي ڊرائيور ميرا ول شنباڻي کان 4 نامعلوم هٿياربندن پاران هٿيارن جي زور تي ڊرائيور ۽ ٻه مزدورن کي يرغمال بڻائي فيئٽ ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ان موقعي خلاف ٽريڪٽر ٽرالي جي ڊرائيور ميرا ول شنباڻي، غلام مصطفي شنباڻي، محمد شريف، شاهنواز شنباڻي نثار علي، عبدالغنی پلھ، نعيم پلھ ۽ ٻين نيشنل هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته کجور منڊي ۾ کارڪون ڇڏي واپس اچي رهيا هئاسين ته 4 نامعلوم هٿياربندن جن کي ڪارا ڪپڙا پاتل هئا ۽ اسان کي اڳ ڏئي ٽريڪٽر ٽرالي تان لاهي کجين جي باغ ۾ ٻڌي هزارين روپيا روڪ، 2 موبائيل فونون ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ڪاهي فرار ٿي ويا احتجاج ڪندڙن ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.  ٻئي طرف نامعلوم چاٻي چورن ڪوٽبنگلو جي قاسم آباد واري علائقي ۾ پ پ پ اڳواڻ ايڊوڪيٽ رئيس غلام مصطفي بگٽي جي گھر ٻاهران سندس وڏي پٽ شڪيل بگٽي جي ون ٽون فاء موٽر سائيڪل 2018 ڪاهي فرار ٿي ويا هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي محمد بچل قاضي موجب ٽريڪٽر ڦر ڪندڙ جوابدارن جي موبائيل فون جي ٽريسنگ ذريعي لوڪيشن  لاءِ نمبر موڪليا آهن جلد ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس ڪرائي اصل مالڪن حوالي ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.