چڪ ۾ قتل ٿيل استاد وارو مامرو، ٺاهه لاءِ ميڙ منٿ

لکي غلام شاھ (ت ر )چڪ لڳ22 ڏينهن اڳ ڳوٺ پيارو خان بروهي ۾ معمولي ڳالھه تان قتل ٿيل پرائمري استاد علي مراد بروهي جي قتل واري  مامري ۾ جوابدار ڌر پاران ٺاھ لاءِ ميڙ منٿ موڪلي ويئي .جنهن ۾ عورتون مرد پاڪ ڪتاب کڻي ڳوٺ يارمحمد بروهي پهچي ٺاھ لاءِ منٿ ڪئي مقتول استاد جي ڌر پاران پاڪ ڪتاب کڻي ايندڙ مردن ۽ عورتن اڳيان شرط رکيو ويو ته مکيه جوابدارن عبدالجبار بروهي ۽ شاهنواز بروهي کي پوليس وٽ پيش ڪيو وڃي ته ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آھيون .ياد رهي ته جوابدار ڌر پاران هڪ ڏينهن اڳ مقتول استاد جي ڀاءُ پٽن ڀائيٽين سئوٽن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.