قمبر ۾ پاڻي کوٽ خلاف ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاجي مظاهرو

قمبر ( ڊر ) نورواھ شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري قمبر شهدادڪوٽ مين روڊ تي ٽائرن کي  باھ ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مظاهرين انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪندي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعرا هڻندا رهيا،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن عبدالرزاق چانڊيو،نذير گوپانگ،لطيف چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسان جو زمينون پاڻي نه ملڻ سبب بنجر بڻجي ويون آهن، پر هتان جي ايريگيشن عملدارن کي اسان مٿان ڪا ڪهل ڪا نه ٿي اچي ايريگيشن عملدارن اسان جي حصي جو پاڻي بااثر زميدارن کي پئسن عيوض کپائي ڏين ٿا جنهن ڪري اسان ڀڃڪڙي جا آبادگار پاڻي جي لپ لاءِ به پريشان آهيون، وڏو وزير  ۽ وزير آبپاشي نور واھ شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن کي ساريالي فصل لاءِ جلد کان جلد پاڻي فراهم ڪري ڏئي، جئين هو معاشي تنگي کان بچي سگهن،،ٻئي پاسي احتجاج سبب روڊ بند هجڻ ڪري ايڊوڪيٽ خالد کوسو قمبر سٽي ٿاڻي تي 150 آبادگارن مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.