نوشهري ۾ بدامني، ڏوهه روز جو معمول، سنڌ بار پاران مظاهرو

نوشهروفيروز  ( ڊر ) نوشهرو فيروز  ۾ بدامني، ضلعي ڏوهارين جو ڳڙهه بڻجي ويو، سنڌ بار جي ميمبر عبدالستار لهراڻي، ضلعي بار جي صدر عبدالرحيم عباسي، جنرل سيڪريٽري اياز مري، سينئر وڪيل اشفاق احمد تڳر، وڪيل امين الدين  خاصخيلي، وڪيل سيد زاهد علي شاهه، وڪيل شڪيل جوکيو، وڪيل وقار علي لنڊ، وڪيل ابرار چانڊيو، وڪيل عبدالڪريم لهراڻي، وڪيل مسعود قاضي، وڪيل قربان علي بلر، وڪيل ارباب علي چانڊيو، صدر محراب پور جي وڪيل مهيدين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو هنن جو چوڻ هو ته سڄو ضلعو ڏوهارين جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي پوليس بلڪل نااهل جو مظاهرو ڪري رهي آهي ماڻهن جي جان و مال محفوظ نه آهي چوريون ڦُرون ۽ قتل عام جاري آهن.  پر ايس ايس پي جي ڪن تي جوءَ به ڪان ٿي چري وڪيلن احتجاج کان پوءِ نيشنل پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻي ضلعي مان ڏوهاري گهرائي ڏوهه ڪرائي ٿو ڪجهه ڏينهن سڌوجا هاءِ وي تي روڊ بند ڪري گاڏين مان ڦُورن ڦُر لٽ ڪئي ان کانپوءِ کاهي مَمن نيشنل هاءِ وي وٽ 20 کا 25 ڦورن اڌ ڪلاڪ روڊ بند ڪري مسافر گاڏين کان ڦرلٽ ڪندا رهيا ناهل ۽ ڪرپٽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کي هٽايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ قلم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.