ميرپورخاص ۾ ٺڳ ڪوڙن نوٽن سان شهرين کي ٺڳڻ لڳا

ميرپورخاص(بيورورپورٽ)  عيد ويجھواچڻ شرط ميرپورخاص ۾ جعلساز سرگرم ٿي ويا، جعلي نوٽ گردش ڪرڻ لڳا. جعلي نوٽن سبب غريب  مالوند ۽ دڪاندار پريشان. جعلي نوٽ ڦهلائيندڙ گروه پاران شهر  لکين روپين جي ماليت جا هڪ هزار ۽ 5 هزار وارا نوٽ فهلائڻ جا اطلاع. انتظاميا اگھور ننڊ ۾ سُتل. تفصيل موجب عيدالضعيٰ وجھو اچڻ بعد ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چوپائي مال جي منڊين سميت شهر جي مختلف چوڪن تي چوپائي مال جي لڳل منڊين ۾ عوام جو رش وڌڻ ۽  ڪراچي حيدرآباد سميت مختلف شهرن کان پهتل واپارين پاران چوپائي مال جي خريداري ۾ اضافي شرط جعلساز سرگرم ٿي ويا آهن ميرپورخاص شهر سميت ضلع جي مختلف چوپائي مال جي لڳل منڊين ۽ دڪاننن تي جعلساز ٽولي پاران جعلي نوٽن ذريعي چوپائي مال سميت ضرورت جون ٻيون شيون خريد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن مالوند، دڪاندار ۽ واپاري لکين روپين جو نقصان برداشت ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ جعلي نوٽ ملڻ بعد پوليس جي ڊپ کان خاموش رهڻ تي مجبور بڻيل آهن ميرپورخاص جي چوپائي مال جي پڙي ۾ شادي پلي کان پننجو ٻڪر وڪرو ڪرڻ لاءِ پهتل غريب پورهيت پنهجو ٻڪر 30 هزار روپين ۾ وڪرو ڪيو ته کيس نامعلوم همراه 30 هزار روپيا ادا ڪري ٻڪر ڪاهي ويا جنهن جي ڪجھ اصل جڏهن ته لڳ ڀڳ 18 هزار روپين جا جعلي نوٽ ڏيئي ويا، جڏهن ته ميرپورخاص ۾ ٺيلي تي انب وڪرو ڪندڙ هڪ پورهيت کان نامعلوم ٺڳ اڍائي سئو روپين جا انب خريد ڪرڻ بعد کيس هزار روپين جو جعلي نوٽ ڏيئي روانو ٿي ان کان علاوه شهر جي مختلف دڪانن ۽ خريداري جي مرڪزن ۾ پڻ اهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن جعلساز ٽولي جو اصل ٽارگيٽ ضلع جي مختلف ننڍن توڙي وڏن شهر ۾ لڳندر چوپائي مال جون پڙيون آهن جتي ابوجھ مالوندن کي اصل ۽ جعلي نوٽ جي سڃاڻ نه هجڻ جي ڪري انهن غريبن کي آسان سان شڪار بڻايو پيو وڃي، ذريعن موجب  ميرپورخاص شهر سميت پوري ضلع ۾ جعلي نوٽن جو ڪاروبار ڪندڙ ٽولي لکين روپين جا جعلي نوٽ ڦلائي ڇڏيا آهن جنهن بعد مالوند، واپاري، دڪاندار توڙي رهواسي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن جڏهن ته انتطاميا اگھور ننڊ ۾ سُتل آهي، شهر جي سياسي سماجي سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ مالوندن توڙي واپارين ڊويزنل ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص سميت ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ جولي نوٽن جو ڪاروبار ڪري غريب مالوندن، پورهيتن ۽ واپارين سميت دڪاندارن کي جعلي نوٽ ڏيندڙ جعلسازن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين نقصان ۽ ذهني اذيت کان بچايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.