ماٿيلي ۾ پلاٽ مالڪي تان جهيڙو، ايس ٽي پي اڳواڻ ڀاءُ سميت زخمي

ميرپورماٿيلو (ن ع آ )  ميرپورماٿيلو لڳ ڳوٺ درويش نائچ ۾ پلاٽ جي مالڪي تڪرار تان ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گذريل ڏينھن  جھيڙو ٿي پيو، جتي لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب سنڌ ترقي پسند پارٽي گھوٽڪي ضلعي جو صدر زاھد ميراڻي ۽ سندس ڀاءُ شاھد ميراڻي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن مطابق زاھد جي مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن تي ڌڪ لڳل ھئا ۽ شاھد جا ٻه ڏند ڀڳل ھئڻ سان گڏ نڪ تي ۽ ٻانھن تي ڌڪ آھن، ھوڏانھن ميرپورماٿيلو پوليس ٽن جوابدارن محمد انور ميراڻي، ڪامران ميراڻي ۽ فرحان ميراڻي مٿان اين سي داخل ڪري فرحان ميراڻي کي گرفتار ڪري ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.