مراد واهه ۾پاڻي کوٽ، ڪنڌڪوٽ ۾آبادگارن جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي ملهير اسٽاپ وٽ آبادگارن جو مراد واه ۾ پاڻي کوٽ  خلاف انڊس هاءِ وي تي 3 ڏينهن به ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ هجڻ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارو لڳي ويون.آبادگارن انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ضلعي انتظاميا جي نااهلي تي سخت نعري بازي ڪئي وئي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعره هنيا.آبادگارن منو،مراد،علي حسن ۽ ٻين جو چوڻ هو ته انڊس هاءِ وي زرڳڻ وٽ 3 ڏينهن کان ڌرڻو هڻي پاڻي چڪي لاءِ ترسي رهيا آهيون پر ضلعي انتظاميا ڪيل واعدا وفا نه ڪيا ڊي سي واعدو ڪيو هو ته 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي مراد واه ۾ پهچي ويندو پر لڳي ائين ٿو ته ڊي سي جي به ايريگيشن عملي اڳيان نه هلي ۽ 72 ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽائيم گذري چڪو پاڻي ناهي پهتو هنن چيو ته زمينن تي ٻجارو ڪري ڇڏيو آهي پاڻي نه هجڻ ڪري ٻجارو سڙي رهيو آهي ۽ لکين روپين جو نقصان ٿئي پيو آبادگارن مطالبو ڪيو ته مراد واه شاخ ۾ پاڻي فراهمي يقيني بڻائي وڃي جئين هزارين جريب زمين بنجر بڻجڻ کان بچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.