ڀرياسٽي ۾ روڊ حادثو، 4 گهر ڀاتي زخمي، احتجاج

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀريا سٽي  جي سرڪاري اسپتال  اڳيان   مزدوري ڪري گذر سفر ڪندڙ ڀريا جي ڳوٺ ٻيلاٺي جي رهواسين  درياخان   سولنگي، مجيب علي سولنگي  ۽ ٻين  زخمي ٿيل ڄنگهه ڀڳل  عورت کي هٿن ۾  کڻي  روڊ   حادثو   ڪندڙ  بااثرن خلاف سخت  احتجاجي مظاهرو  ڪيو. ان  موقعي تي  هنن دانهيندي  الزام  هڻي ٻڌايو ته 6 ڏهاڙا اڳ خير پور کان نوشهروفيروز ويندڙ تيز رفتار ڪار ڀرياسٽي باءِ پاس تي اسان جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ اسان جا 4 گهر ڀاتي  اڍائي سالن جي معصوم نينگري گل پري، مسمات پروين سولنگي، مسمات صالح خاتون ۽ درياخان سخت زخمي ٿيا هئا. ڪار سوارن  بااثرن اسان کي مڪمل علاج  ڪرائڻ جو واعدو ڪري   هاڻي اسان جي   فون به  اٽينڊ نه ٿا ڪن، هڪ  عورت جي ڄنگهه ڀڳل آهي، علاج ڪرائڻ جي سگهه  ناهي، اختياريون نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.