فيض گنج ۾سارين جي فصل خلاف ڪارروائي

فيض گنج (نامتياز شر)  مختيارڪار فيض گنج جي سارين جي ڪاهيل فصل خلاف  ڪارروائي آڪري چودڳي ۾ سارين جي فصل تي اسپري ڪري سارين جي فصل کي تباھ ڪيو ويو تفصيل موجب مختيارڪار فيض گنج عبدالقيوم لغاري ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جي حڪم تي ڪارروائي ڪندي فيض گنج جي علائقي اڪري چودڳي لڳ ڪاهيل سارين جي فصل خلاف روينيو ٽيم تپيدار ثنا الله شر ۽ ٻين سان گڏ پهچي  فصل مٿان اسپري ڪارائيء سارين جي فصل کي ختم ڪيو ان موقعي تي مختيارڪار فيض گنج صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سارين جي پوکائي تي  سو چوئيتاليهه قلم  لڳل آهي پوءِ به عوام هن فصل جي پوکائي ڪري رهي آهي جتي به اطلاع ملندو اتي پهچي سارين جي فصل کي اسپري ذريعي ختم ڪيو ويندو عوام کي گهرجي ته تعاون ڪري.

ٽنڊي ڄام ۾ تحقيقي اداري جي رٽائر ملازمن جو احتجاج، انصاف جي گهر

ٽنڊوڄام(ن ع آ) زرعي تحقيقاتي اداري ٽنڊوڄام ۽ زرعي انجنيئرنگ کاتي جي رٽائرڊ ۽ فوتي  ملازمن جي وارثن جو عرس هنڱورو، منصور علي، منور علي ۽ ريشما پنھور جي اڳواڻي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب ٽنڊوڄام اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري زرعي تحقيقاتي اداري ۽ زرعي انجنيئرنگ کاتي جي آفيسرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاھرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ رٽائر ملازمن ۽ فوتي ملازمن جي اولاد کي انھن ادارن ۾ سن ڪوٽا تحت نوڪريون ڏئي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کان بچايو وڃي، ڇاڪاڻ تہ انھن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم پنھنجي زندگي اداري جي بھترين، ترقي ۽ خدمت ڪندي گذاري ٿا ڇڏين تہ ادارا انھن جي اولاد کي نوڪري ڏيڻ بجاءِ اداري جي ڪوارٽرن ۾ ويٺل رٽائر ملازمن ۽ فوتي ملازمن جي وارثن کي ادارن جي انتظاميا ڪوارٽرن مان بيدخل ڪرڻ لاءِ ڪجھ ڏوهاري ماڻھن جي ذريعي ڌمڪايو پيو وڃي، جڏهن تہ زرعي تحقيقاتي اداري ۽ زرعي انجنيئرنگ کاتي جي گھڻن ڪوارٽرن ۾ غير متعلقہ ماڻھن جو قبضو ٿيل آهي جن کي ڪجھ بہ نٿو چيو وڃي، مظاھرين وزير زراعت، ڊي جي زرعي تحقيقاتي ادارو ۽ ڊي جي زرعي انجنيئرنگ کان مطالبو ڪيو آهي تہ ٻين ادارن وانگر رٽائر ۽ فوتي ملازمن جي اولاد کي سن ۽ فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏئي بک، بدحالي ۽ خودڪشين کان بچايو وڃي..!!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.