نوجوان جو قتل ڪيس، اڳوڻي ايس ايڇ او سيوهڻ جي ضمانتي درخواست رد

سيوهڻ(ن ع آ ) ايڊيشنل سيشن جج سيوهڻ شمس الدين جوڻيجو جي ڪورٽ 24 ڏينهن اڳ سيوھڻ پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان راشد لاشاري جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻي جي ضمانت لاء ڏنل  درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. يادر رھي ته جوابدار ايس ايڇ او ۽ مقتول نوجوان جي وارثن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ خاموشي ۾ راڄوڻي ذريعي ٺاھ پڻ ٿيو ھو پر ان جي باوجود مقامي عدالت جوابدار ايس ايڇ او ذوالفقار  اوڍاڻي پاران ضمانت لاء ڏنل درخواست  رد ڪري ڇڏي آهي.

ميان صاحب لڳ چڙهائي،  تشدد، عورت، ٻار ۽ پيرسن کي پوليس کنڀي وئي، احتجاج

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان جهانواھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مسڪان کوسو جي کوسا برادري پاران رات دير سان ٿيل جيڪب آباد پوليس جي ڌاڙيلن جيان گهرن ۾ ڪاھ ڪري زيادتين خلاف احتجاج ڳوٺاڻن صدام کوسو ، شير محمد کوسو ، جهونو کوسو، عبدالشڪور  کوسو سميت ڪيترن ئي عورتن ۽ ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته جيڪب آباد ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي 5 کان مٿي پوليس موبائلن ۾ 50 کان مٿي سول ڊريس پاتل اهلڪارن گهرن مٿان رات جو هڪ بجي ڌاڙيلن جيان ڪاھ ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي سندن گهرن مان ڦرلٽ ڪري ڏيڍ لک روپيا روڪ رقم سونازيور چوپايو مال به ڪاهي وئي هنن وڌيڪ دانهيندي  چيو ته آباد ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن بدر جتوئي ربن انڙ ۽ ياسين انڙ بلاجواز ڳوٺ تي ڪاھ ڪري اسان جي هڪ پيرسن مرد ۽ پيرس عورت ۽ هڪ 5 سالن نينگر کي کنڀي کڻي وئي آھي هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڙڻو ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.