احمدپور مان گم ٿيل نينگر جو پتو نه پيو، ڳولا ۾مدد جي اپيل

احمدپور (رپورٽ نديم راجا ميتلو ) احمدپور لڳ ڳوٺ ڪوڏ ميتلو مان 24 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نينگر جو پتو نه پئجي  سگهيو نينگر جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر. رپورٽ موجب احمدپور لڳ ڳوٺ ڪوڏ ميتلو مان 24 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نينگر 12 سالا حفيظ ﷲ پٽ نياز حسين منگي جو پتو نه پئجي سگهيو آهي نينگر جي والد نياز حسين منگي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پٽ 24 ڏينهن اڳ گلوسيال مائٽن ڏانهن گهمڻ ويو جتان چاچي علي مراد منگي احمدپور اسٽاپ تي ڇڏي ويو پر نينگر گهر ناهي پهتو جنهن ڪري شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي جڏهن ته شاه حسين پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو جنهن ڪري گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي . نينگر جي والد ايس ايس پي خيرپور، ڊي آئي جي سکر ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.