اڪري ويجهو ٻن ڌرين ۾جهيڙو، 6 ڄڻا زخمي، 5 گرفتار

اڪري چودڳي (ن ع آ) ڪرونڊي لڳ اڪري چودڳي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ملوڪ شر ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهر اڳيان  لنگهڻ تي منع ڪرڻ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ لوهي سريا سروٽا لڳڻ سبب هڪ ڌر جا مسمات صاحب خاتون ،منظوران ،عمران تنوير شر ۽ ٻي ڌر جومحمد سليم شر زخمي ٿي پيا جهيڙندڙ ڌريون اڪري ٿاڻي تي پهتيون جتي اڪري پوليس کين ليٽر ڏيئي  تعلقه اسپتال فيض گنج موڪليو زخمي عورت  مسمات صاحب خاتون ٻڌائيندي چيو تہ غلام حسين شر کي گهر اڳيان لنگهڻ کان منع ڪيو تہ ان تي ڪاوڙجي اسان جي گهر تي حملو ڪري مون کي پٽن ۽ننهن سميت زخمي ڪري وڌو آهي ٻي طرف غلام حسين شر موجب اسان پنهنجي گهر جي اڳيان بيٺا هئاسين تہ مخالف ڌر گارگند ڪندي اسان تي حملو ڪيو جڏھن ته اڪري پوليس ٻنهي ڌرين جي 5 ماڻهن تي اين سي داخل ڪري  مير شر ، غلام حسين شر ،احمد شر سليم ،وحيد شر اشفاق شر گرفتار ڪري ورتو ۽جڏهن زخمين جو اعلاج هلندڙ هيو.

راڻيپور ۾نوجوانن کي ٺڳيندڙ ڪمپني تي ڇاپو، هڪ ڄڻو گرفتار

راڻيپور(رپورٽ : عامر مهيسر) راڻيپور ۾ نوڪريون ڏيندڙ سچل نيوٽريشن سينٽر جي نالي سان منسوب ڪمپني ٺڳيندڙ ۽ فراڊي نڪتي  شهرين جي اھڙي شڪايت تي راڻيپور پوليس جو قائم آفيس تي چاپو ھنڻي ھڪ ڄڻو شفيع محمد جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته سندس سان گڏ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ان موقعي تي شهرين ۽ نوڪري وٺڻ لاء آيل نوجوانن انٽرنيشنل پريس ڪلب راڻيپور جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سان ھنن واٽس اپ ذريعي رابطو ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته توھانکي نوڪريون ڏئي رھيا آھيون پنهنجا ضروري ڪاغذ کنڻي اچو ھتي اچڻ کانپوء خبر پئي آھي ته ھيء اھا ڪمپني آھي جنهن تي بندش پيل آھي جنهن جو نالو ٽائينس آھي پر ھيءُ نالو مٽي سچل نيوٽريشن سينٽر جي نالي ھلائي رھيا آھن. ھنن وڌيڪ اھو پڻ ٻڌايو ته جڏھن اسان ھتي آيا آھيون ته اندر اسان کان اھا ڊمانڊ ڪئي وئي ته 15 مريض ڪهڙي به صورت ۾ توھان ھڪ ھڪ ڄڻو ڪري ڏيندا جن کي ڪمپني 25 سئو کان 3 ھزار روپيا جي دوا ڏيندي جنهن کانپوء توھان ھن ڪمپني ۾ پڪا ٿي ويندا ۽ اھو پڻ ٻڌايو ويو ته ھر ھڪ مريض تي اسان کي ڪمپني 1 پرسنٽ ڏيندي رھندي، جڏھن اتي موجود نوجوان جو تعلق سنڌ جي مختلف ضلعن لاڙڪاڻو، قمبرشهدادڪوٽ، خيرپور، دادو، ڪشمور ۽ ٻين سان ھئو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.