حيدرآباد ۾ حيسڪو ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) واپڊا ايمپلائيز پيغام يونين پاران حيسڪو انتظاميا پاران ملازمن کي عيد بونس ۽ ڪچن ملازمن ريگيولر ڪرڻ  باوجود آرڊر نه ڏيڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ حيسڪو آفيس سامهون 4 ڪلاڪن تائين احتجاجي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، انتظاميا جي يقين ڌياني کانپوءِ ملازمن ڌرڻو ختم ڪيو. ان موقعي تي واپڊا ايمپلائيز پيغام يونين جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ساجن پنهور، صوبائي چيئرمين سنڌ محمد عثمان جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته حيسڪو ملازمن کان عيد بونس ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته 2012ع کان حيسڪو ۾ ڊيلي ويجز طور خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي حيسڪو جي بورڊ پاران پڪو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر اڃا تائين ڪچن ملازمن کي آرڊر ناهن ڏنا ويا، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن چيو ته حيسڪو اختياريون واپڊا هائيڊرو يونين نالي غير رجسٽرڊ ٿيل تنظيم خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نٿي ڪري، جڏهن ته واپڊا هائيڊرو يونين حيسڪو جي بجلي چوري ڪرائي اداري کي نقصان ڏيڻ ۾ ملوث آهي. هوڏانهن حيسڪو اختيارين ڌرڻو هڻي ويٺل ملازمن سان ڳالهيون ڪندي مطالبا تسليم ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي، جنهن کانپوءِ ملازمن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان واپڊا ايمپلائيز پيغام يونين جي سيڪريٽري جنرل ساجن پنهور چيو ته ڌرڻي دوران اسان حيسڪو اختيارين کي عبدالمناف نظاماڻي جي بيواهه ام فروا لغاري کي نوڪري توڙي مراعت ڏيڻ جو چيو، جنهن تي حيسڪو اختياريون عيد کانپوءِ عبدالمناف نظاماڻي جي بيواهه ام فروا لغاري کي نوڪري جي آرڊر سميت 27 لک روپيا پڻ ڏيندي.

گهوٽڪي لڳ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان اسڪول ۾ تقريب

گهوٽڪي ( ڊ ر )  گهوٽڪي ويجھو ڳوٺ فوجي محمد اقبال آرائين ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعاون سان ھلندڙ الرحمن  ايلمينٽري ماڊل اسڪول ۾ سالياني ايوراڊ تقريب  ڪوٺائي وئي  ، جنهن ۾ پوزيشن کنڻدڙ شاگردن ۾ انعام پڻ ورھايا ويا تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ حسين بخش چاچڙ ، اسڪول جي اسٽاف سياسي سماجي اڳواڻن سميت ٻارن جي والدين  پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي اسڪول جي  آپريٽر روبينه ڪوثر ، اسڪول جي سھولتن ۽ تعليم بابت پڻ ٻڌايو ، والدين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھن اسڪول ۾ تمام بھترين اسٽاف سان گڏوگڏ جديد سھولتون پڻ آھن

راڻيپور ۾بدامني، پورهيت جي گهران چوري

راڻيپور(رپورٽ  :عامر مهيسر)  راڻيپور ۾ واقع ڪچي آباديء محلي مان پورھيت سجاد علي منگي جي گهر مان نامعلوم چورن 2 عدد موبائل فون ۽ 50 ھزار روڪ رقم ۽ ٻيو  قيمتي سامان کنڻي آساني سان فرار ٿي ويا، جڏھن ته متاثر پورھيت سجاد علي منگي انٽرنيشنل پريس ڪلب راڻيپور جي صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻهون آھيون، حق حلال جي روزي ڪري پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاليندا آھيون، روپيو روپيو ڪري پئسا گڏ ڪيا ھئا ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آھي سمورا گڏ ٿيل پئسا، موبائل فون ۽ ٻيو سامان کنڻي ويا آھن. اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناھي. جنهن جي اين سي راڻيپور ٿاڻي تي پڻ داخل ڪئي وئي آھي. اسان جي اعليٰ اختيارين، آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال کي اپيل آھي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.  ۽ چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.