شهيد ذوالفقار ڀٽو کي غدار قرار ڏيڻ خلاف نوابشاهه ۾احتجاج

نوابشاھ(ڊ ر) نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ گيلو خان کوسو جو رهواسي پ پ جو پراڻو جيالو حيبت خان کوسو پ پ جي جهنڊن ۽ پينافليڪس سان سجايل موٽر سائيڪل تي چڙھي ڪشمير ۽ گلگت جي وفاقي وزير  علي امين گنڊاپور پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي غدار قرار ڏيڻ خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته وفاقي وزير امين گنڊاپور پاران اسان جي قائد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي غدار قرار ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو، ھن چيو ته امين گنڊاپور شھيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف بيان ڏئي ھزارين جيالن جون دليون رنجايون آھن جڏھن ته ڪارڪنن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ تاءُ پکڙيل آھي، ھن چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو غريبن ۽ اٻوجهه ماڻهن جو اڳواڻ ھو پاڪستان لاءِ ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون ناھن، امين گنڊاپور پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪرڻ انتھائي افسوسناڪ عمل آھي، ھن مطالبو ڪيو ته امين گنڊاپور خلاف ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.