ڏهرڪي ٽائون ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم

ڏھرڪي (رپورٽ : ذاڪر حسين ) پنج مهينا اڳ ٽائون انتظاميه عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ته اڳوڻن ايڊمنسٽريٽرن طرفان 270 ملازمن جي  اضافي ڀرتي ڪرڻ سبب ملازمن کي پگهارون ڏيڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي، عدالت طرفان اضافي ڀرتي ڪرڻ تي جاچ جو حڪم ڏنو . جنهن جو جواز ڄاڻائي ايڊمنسٽريٽر رضوان نظير ملازمن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيون، ملازمن طرفان احتجاج ۽ بک هڙتالون ڪيون پر ايڊمنسريٽريٽر پگهارون جاري ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهيو، گذريل ڏينهن ڄاڻايل ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس شمس الدين عباسي جي عدالت ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي، ملازمن طرفان علي گل عباسي وڪيل پيش ٿيو، انتظاميه طرفان عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته اڳوڻن ايڊمنسٽريٽرن طرفان 270 ملازمن جي ڀرتي ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي پر ڄاڻايل ملازمن گذريل ڏهن سالن کان ٽائون ڪاميٽي ڏهرڪي ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن جڏهن ته ملازمن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي جيڪا پڻ مڪمل هئا، عدالت طرفان انتظاميه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪهڙي قانون تحت ملازمن جي پگهار بند ڪئي وئي آهي جڏهن ته ملازمن نوڪري به ڪري رهيا آهن، تنهنڪري عيد کان جڏهن کان ملازمن جي پگهار بند ڪئي وئي آهي جاري ڪيون ويون وڃن، باقي ڀرتي ڪندڙ اختيارين خلاف پڻ جاچ ڪرائي ويندي، هوڏانهن عدالت طرفان 270 ملازمن جون پگهارون جاري ڪرڻ واري حڪم بعد ملازمن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.