قومي ڪارڪنن جي ضمانت سنڌ جي فتح آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر)  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ حورالنساء پليجو،  ايڊووڪيٽ ساجد حسين  مهيسر، لال جروار، مهراڻ سنڌي، اقبال جروار ۽ ستار رند پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اڄ دھشتگردي ڪورٽ  -15 سينٽرل جيل ڪراچي پاران 6 جون واري شاندار پرامن احتجاج دوران بحرياٽائو انتظاميا جي سيڪيورٽي انچارج پاران داخل ڪرايل دھشتگردي جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل 8  قومي ڪارڪنن جي ضمانت منظور سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي بچاءَ واري جنگ جي ھڪ مورچي تي سنڌ جي بھادر وڪيلن جي قانوني ويڙھ کي اسين سلام ٿا پيش ڪيون. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هٿرادو آهي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن ۾ سنڌ حڪومت، ارسا ۽ وفاق سان مليل آهي پيپلز پارٽي مخالفت جو مڪر پئي ڪري. ڀاشا ڊيم ۽ ٻيا ڊيم سنڌي عوام جي شديد مخالفت باوجود پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ٺاهيا پيا وڃن. سنڌ ۾ هن وقت به پاڻي جي شديد کوٽ آهي ۽ نون ڊيمن جي ٺهڻ سان جيڪي ٻه ڍڪ پاڻي جا اچن پيا اهي به بند ٿي ويندا پر سنڌ حڪومت مخالفت ڪرڻ بدران انهن ڊيمن جي حمايت ڪري سنڌي عوام سان دوکو ۽ فريب ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.