سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي:نواز زنئور

حيدرآباد (پ ر ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين  نواز خان زنئور، محمد علي خشڪ، تراب جتوئي، حبدار ميرجت، هالار رتڙ، زاهد زهراڻي،  دودو سيال، حاجن گل شر ۽ عبدالله ميراڻي چيو آهي ته سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر قومي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪيو پيو وڃي، جيڪو عمل بنيادي انساني حقن جي سخت ڀڃڪڙي آھي. جاري ڪيل بيان ۾ ھنن چيو ته سياسي ڪارڪنن کي بنا ڪيسن جي گرفتار ڪرڻ جو ڪو به جواز ناھي، ھر ماڻهو کي اھو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي ذھن، ضمير ۽ شعور موجب پرامن سياست ڪري. مھذب معاشرن ۾ ھر ماڻهو جي سياسي حق جو تحفظ ڪيو ويندو آهي. ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌي سماج کي غير سياسي بڻائڻ جو فائدو ڪنهن به ڌر کي ناھي ٿيڻو، پر اھڙي عمل سان انارڪي پيدا ٿيندي، جنهن سان سڄو سماج انتشار ۽ بربريت جي ور چڙھي ويندو. تنهن ڪري اهڙا عمل بند ڪيا وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته نذير لغاري ۽ سينگار نوناري سميت سمورن گرفتار ڪارڪنن کي فورن آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.