عادلپور لڳ ٻنڌ مائينر کي گهارو، فصل پاڻي هيٺ

عادلپور ( ن ع آ ) عادلپور ويجھو ٻنڌ مائينر کي ڳوٺ پنجل سھتو وٽ گھارو پئجي ويو جنھن جي نتيجي ۾ ثناءُ الله سومرو ، نعمت الله سومرو،  شاهنواز سومرو  جا  وونئڻن جو بيٺل فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو اطلاع باوجود ايريگيشن عملو گھارو بند ڪرڻ لاءِ نه پھتو ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ گھارو بند ڪري ورتو ٻئي پاسي  متاثرآبادگارن چيو ته  ٻنڌ  مائنر جي ڪيترن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري ۽ مائنر جا ڪپر ڪمزور ھجڻ سبب ۽ ايريگيشن پاران بناجواز وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ ڪري ٻنڌ مائنر  کي  گھاروپيو آھي، جنھن ڪري اسان  آبادگارن جو پوکيل فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي ۽ اسان  جو لکين رپين جو نقصان ٿي ويو آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته جنهن وقت اسان جي واھ ٻنڌ مائنر ۾ پاڻي جي سخت کوٽ هوندي آهي تڏهن اسان دانهون ڪندا آهيون ته پاڻي ناهي ملندو جڏهن برسات پوندي آهي ته مٿان پاڻي ڇوڙ ڪري تا ڇڏين ۽ اسان جي واھ جي کاٽي نه هجڻ ڪري واھ جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ انهي ڪري اسان جو نقصان ٿي رهيو آهي ڳوٺاڻن ڊي سي گھوٽڪي عبدالله عثمان ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته آبپاشي عملي خلاف  قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.