سنڌ ۾ ڪارنهن ڪيس، 91 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو

سکر (رپورٽ:اظهر علي دايو) سنڌ ۾ ڪارنھن جا ڪِيس ، اتر سنڌ عورتن لاءِ پناھ گاهه بجاءِ مقتل گاهه قرار ، ڪورونا جي قھري ڏينهن ۾  ھلندڙ  سال جي ڇھن مھينن دوران 66 عورتن ۽ 25 مردن سميت 91 ماڻھن کي ڪارنھن جي ڪڌي رسم ھيٺ موت جي ننڊ سمھاريو ويو عورتن جي حقن ۽ ڪارو ڪاري تي ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم سنڌ سھائي آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو جي نجي ھوٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو  ته ڪشمور ضلعي ۾ 13 عورتن ۽ ٽي مردن سميت 16 ڄڻا قتل ٿيا ، جيڪب آباد ۾ 8 عورتون ۽ پنج مردن سميت 13 ڄڻا ماريا ويا ، شڪارپور ۾ 9 عورتن ۽ ھڪ مرد سميت 10 ماڻھن کي ماريو ويو ، سکر ۾ پنج عورتن ۽ چار مردن سميت 9 ڄڻا قتل ٿيا ، گھوٽڪي ضلعي ۾ ست عورتون ماريون ويون ، لاڙڪاڻي ۾ 6 ۽ خيرپور ۾ 5 عورتن ۽ مردن اھڙي ريت ٻين ضلعن ۾ 25 عورتن مردن  سميت سڄي سنڌ ۾ مجموعي طور 91 انساني جانيون ڪارنھن جي ڪڌي رسم ھيٿ ضايع ٿيون آھن  ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو وڌيڪ ٻڌايو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ، شڪارپور ، گھوٽڪي ۽ سکر جي ڪچن ۾ ڇھن عورتن کي قتل ڪرڻ بعد سندن لاش درياهه ۾ لوڙھيا ويا آھن جيڪي ھن وقت تائين پوليس جي عدم دلچسپيءَ جي ڪري ھٿ ناھن آيون جوابدار رشيد بنگوار زال صغران کي شادي جي پھرين رات قتل ڪري لاش درياھ ۾ لوڙھي ڇڏيو، پريس ڪانفرنس دوران ايڊووڪيٽ فرزانه کوسو ،  ايڊيوڪييٽ رضوانه ميمڻ ، ايڊيوڪييٽ ھادي بخش بٽ ، ايڊيوڪييٽ سھيل ميمڻ ، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي ،  ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ ۽ ٻيا به گڏ هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.