خيرپور ۾تپيدارن جي معطلي بعد ٿرٿلو، سارين جي فصل خلاف آپريشن

خيرپور (رپورٽ مختيار ڦلپوٽو) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو پاران سارين جي  فصل بابت غلط رپورٽ ڏيڻ تي گذريل ڏينهن 8 تپيدارن کي معطل ڪرڻ بعد روينيو عملدارن ۾ ٿرٿلو، ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سارين جي فصل خلاف اپريشن شروع ڪيو ويو. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سمورن تپيدارن کي هدايت ڪئي هئي ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سارين جي فصل بابت رپورٽ ڏين اهڙي ريت غلط رپورٽنگ ڪندڙ 8 تپيدارن کي معطل ڪيو ويو جنهن بعد روينيو آفيسرن هنگامي بنيادن تي زراعت کاتي جي عملدارن کي ساڻ ڪري ضلعي جي مختلف علائقن ديهه ڇٽو، ديهه اڪري، ديهه پڪا چانگ ۾ ڪارروايون ڪري ٽريڪٽرن ۽ زهريلي ڦوهاري ذريعي سارين جو فصل ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته سارين جي فصل تي پابندي لاڳو ٿيل آهي ان باوجود ساريون پوکيندڙن جو فصل ختم ڪيو ويندو لاڳاپيل تپيدار درست رپورٽ نه ڏيندا ته سندن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.