عوامي آواز جي خبر جو نوٽيس، درازا ۾ارڙي کان بچاءُ جي ويڪسين

راڻيپور(رپورٽ عامر مهيسر) سچل جي ديس درازا شريف ۾ ارڙيءَ سبب ٻن سڳن ڀائرن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي خبر روزاني عوامي آواز اخبار  ۾ شايع ٿيڻ جو نوٽيس، جنھن بعد صحت کاتي جي ٽيم درازا شريف پهچي معاملي جي حوالي سان فوت ٿي ويل ٻارڙن جي وارثن کان تفصيل ورتا. جڏهن ته درازا شريف ۾ ارڙيءَ جي ويڪسنيشن سينٽر قائم ڪري ٻارڙن کي ارڙي کان بچاءُ جي ويڪسين ڪئي پئي وڃي. جڏھن تہ آسپاس جي ڳوٺن ۾ پڻ اھڙو اعلان ڪيو ويو آھي تہ اوھين پنھنجي ٻارڙن کي ويڪسن ڪرائي موذي بيماريءَ کان بچايو. ان حوالي سان صحت کاتي جي عملدارن تعلقه ميڊيڪل آفيسر گمبٽ ڊاڪٽر جليل احمد شيخ،عبدالله ڪناسرو،ممتاز اڄڻ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته "‌عوامي آواز“ اخبار  ۾ خبر نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن جي حڪم تي اسان ھتي پھچي سڄي معاملي جو نوٽيس ورتو آھي ۽ اھا پڻ ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي. ھتي ھر ستن مھينن کان ڏھن سالن جي عمر جي ٻارن کي ٽڪن لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي. هي ڪيمپ ٽي ڏينهن جاري رهندي.جي اگر ضرورت پئي يا ڪي ٻارڙا رھجي ويا تہ ھڪ ٻہ ڏينھن ان کي وڌائي بہ سگھجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.