درياخان مري ۾ 4 قتلن ۾ ملوث ٻه جوابدار پوليس گرفتار ڪري ورتا

درياخان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڦل ڀرسان قتل ٿيل وڳڻ برادري جي 3 ڄڻن ۽ ڪار ڊرائيور  سميت 4 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار ڦل پوليس پاران گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ  ڪئي وئي آھي، ڳوٺ حسين بخش  وڳڻ جي عطا محمد وڳڻ اميد علي وڳڻ صدام وڳڻ ۽ ڪار ڊرائيور لياقت لغاري جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدارن اصغر مري، آصف مري کي ڦل پوليس پاران گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، واضح رھي ته 9 ڏينھن اڳ ڦل ڀرسان ڳوٺ ھاشم ڦل وٽ مري برادري جي حملي ۾ وڳڻ برادري جي 3 ڄڻن ۽ ھڪ ڪار ڊرائيور جي قتل جي ايف آء آر ۾ گھربل 15 جوابدارن مان 2 جوابدارن آصف مري ۽ علي اصغر مري کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي

گهوٽڪي پوليس ڪنڌ ڪوٽ مان صحافي سميت ٻه گرفتار

گهوٽڪي ( ڊ ر )   گهوٽڪي جي گيمڙو ٿاڻي جي پوليس ڪنڌڪوٽ مان عدالت ويندڙ زمان اوڳاهي ۽ مقامي صحافي اڪبر سنڌي کي گرفتار ڪري پڇاڳاڇا لاءِ نامعلوم هنڌ  منتقل ڪيو آهي ۽ ڪهڙي به وقت گرفتاري ظاهر ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي پوليس ذريعن موجب ته گرفتار ڪيل زمان اوڳاهي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪچوٻنڊي ٽو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار عبدالرحمان وسير جي ڪيس ۾ گهربل هو.

لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پٽ قتل جو ڏوهه ثابت، پيءُ کي عمر قيد

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پئسن جي معاملي تان قتل ٿي ويل نوجوان جو قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي مقتول نوجوان جي پيءُ کي عمر  قيد ۽ 4 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽيندو. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج شيام لال لڌاڻي جي عدالت ۾ سال 2018ع دوران شهر جي سچل ٿاڻي جي حد لاهوري محلا ۾ پئسن جي معاملي تان قتل ٿي ويل 20 سالن جي نوجوان بلاول ميراڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت مقتول نوجوان جي پيءُ تاج ملڪ ميراڻي کي عمر قيد ۽ 4 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽيندو. ان حوالي سان سچل ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته فريادڻ رحيمان زال تاج ملڪ ميراڻي 9 نومبر 2018 تي پنهنجي مڙس تاج ملڪ ميراڻي مٿان گناهه نمبر 2018/35 قلم 302 پي پي سي تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڪمائي جا پئسا نه ڏيڻ واري ڳالهه تان سندس پٽ بلاول ميراڻي کي ان جي مڙس تاج ملڪ ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو آهي، جنهن تي پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو هو . اڄ اهڙو ڪيس ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار کي عمر قيد ۽ 4 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽيندو. هوڏانهن سزا بعد پوليس جوابدار کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.