حيدرآباد ۾ عورتن جو بجلي جي بندش خلاف ڌرڻو

حيدرآبادرپورٽر) لطيف آباد يونٽ نمبر 8 جي رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن 15 ڏينهن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب هئڻ خلاف ماجي  اسپتال وٽ واقع حيسڪو آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رهواسين جو چوڻ هو ته سندن علائقي ۾ گذريل 15 ڏينهن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هو سخت پريشان ٿي ويا آهن. هنن چيو ته بجلي نه هجڻ ڪري سخت گرمي واري موسم ۾ سندن جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، جڏهن ته بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون ڪري علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. هنن چيو ته ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن، پر سندن مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي. هنن حيسڪو جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خراب ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ اجائي بريڪ ڊائون جو نوٽيس وٺي پريشاني کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ حيسڪو چيف آفيس جو گهيراءُ ڪندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.