بدين ۾سماجي اڳواڻ جو پوليس خلاف احتجاج

بدين (ڊ ر) کوسڪي پوليس  ٻه مھينا اڳ سماجي اڳواڻ  عبدالواھاب لنڊ جي گھر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ معصوم ٻارن کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ٿيو سماجي اڳواڻ عبدالواھاب لنڊ ايوان صحافت بدين پھچي دانھدي چيو ته جوابدار ھر عبدالغفار . عبدالستار .عبدالرزاق عرف لنڊ جيڪي منھنجي گھر اندر داخل ٿي منھنجي ٻارن تي سخت تشددت ڪيو اھڙي رپورٽ مون کوسڪي ٿاڻي تي داخل ڪرائي ان بعد پوليس ليٽر ملڻ بعد آئون پنھنجي نياڻي مسمات زاھده کي علاج لاء اسپتال کڻي ويس پر کوسڪي پوليس اي ايس آئي انور خاصخيلي جوابدارن کان 50 ھزار وٺي مون جو ڪيس داخل نه ڪيو غلط رپورٽ ڏئي جوابدارن کي بچائي ڇڏيو ھن الزام ھڻندي چيو  ته  ايس ايس پي عمر ڪوٽ جي اسڪائڊ ۾ ھلندڙ گاڏي جو ڊرائيور عبدالغفار لنڊ سموري ڪيس تي اثر انداز ٿي ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي ته آئون توتي ايتريون ايف آء آر داخل ڪرائيندس جو تون عدالتن ۾ تاريخن جا چڪر ڪاٽي ٿکجي پوندين.  ھن ايس ايس پي بدين ۽ ايس ايس پي عمر ڪوٽ کي انصاف جي اپيل ڪندي ڏوھاري ڊرائيوخلاف  ڪاروائي ڪئي وڃي نه ته آئون ڊي آئي جي حيدر آباد اڳيان معصوم ٻارن سميت احتجاج ڪندس.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.