ڪينجهر ۾صنعتن جو زهر ڇوڙ، پاڻي جو رنگ ڦٽي ويو، بيماريون پکڙيل

سونڊا(رپورٽ: ارشاد گندرو) نوري آباد ۽ ڪوٽڙي جي صنعتي ادارن جو زھريلو گدلو ڇوڙ ٿيڻ سبب ڪينجھر ڍنڍ جو پاڻي بدبودار ٿي ويو، پاڻي جو رنگ بہ ڦري ويو، پاڻي واپرائڻ سبب رھواسي خطرناڪ بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا، ھڪ ٻارڙو فوت، انتظاميہ  ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو. تفصيل موجب مختلف وقتن تي ڪوٽڙي ۽ نوري آباد جي صنعتي ادارن جو زھريلو مادو ڇوڙ ٿيڻ سبب سنڌ جي تاريخي ڪينجھر ڍنڍ تيزي سان تباھي طرف وڌي رھي آھي ۽ رھواسين خدشو ظاھر ڪيو آھي تہ ڪينجھر ڍنڍ کي بہ منڇر ڍنڍ بنائڻ جي سازش ٿي رھي آھي. ان سلسلي ۾ ڪينجهر ڍنڍ جي ڪنارن وارو پاڻي جو رنگ تبديل تيزي سان تبديل ٿي رھيو آھي. جڏھن تہ ڪنارن وارو پاڻي انسانن توڙي آبي جيوت لاءِ ھاڃيڪار ٿي چڪو آھي. گذريل ڪجھ ڏينھن کان ڪينجهر ڍنڍ جي سونهري مياڻ کپري مياڻ تائين پاڻي جو رنگ ڦري وڃڻ سان گڏ بدبودار ٿي ويو آھي، جنھن ڪري ھتان جو عوام پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻجي ويو آھي.  جڏھن تہ سونهري ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي واٽر سپلائي فلٽر پانٽ بند پيل آھن جنهن سبب خطرناڪ بيماريون ڊائريا، گيسٽرو سميت ٻيون بيمارين ڪر کنيو آھي ۽ گذريل هفتي دوران سونهري ۽ کپري مياڻ جا ڪيترائي مرد، عورتون ۽ ٻارڙا ڊائريا ۾ وٺجي ويا آھن. جڏھن تہ ھڪ معصوم ٻارڙو ڊائريا وگهي فوت ٿي چڪو آھي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته اڳ ۾ ڪڏهن بہ ڪينجهر جو پاڻي ائين خراب نہ ٿيو آھي جيڪو هن وقت ٿي چڪو آھي. سونهري جي سماجي شخص عبدالغفور گندرو، ساجد علي گندرو، عبدالڪريم گندرو، محمد سليم گندرو ۽ ٻين عوامي آواز اڳيان دانهيندي چيو تہ ڪينجهر ڍنڍ کي هٿ سان تباھ ڪيو پيو وڃي، هڪ طرف نوري آباد جي فيڪٽرين جو زهريلو ڪيميڪل وارو فضلو برساتي نالن ذريعي ڪينجهر ۾ داخل ٿي رهيو آھي تہ ٻي طرف ڪوٽڙي جي فيڪٽرين جو زهريلو گندو پاڻي لنڪ ڪئنال ذريعي ڪينجهر ۾ داخل ٿي رهيو آھي. جڏھن تہ سنڌ حڪومت جي حڪم تحت فشريز کاتي پاران ڪروڙن جي تعداد ۾ ڪينجهر ڍنڍ ۾ مڇي جو ٻج ڇڏيو ويو آھي، جنهن کي پڻ هن وقت وڏو خطرو لاحق ٿي پيو آھي. ڪينجھر واسين هن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان،  وزيراعليٰ سنڌ، ضلعي انتظاميہ ۽ چونڊيل نمائيندن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي تہ نوري آباد ۽ ڪوٽڙي جي صنعتي ادارن جو زھريلو فضلو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي ڪينجهر کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.