ميرپور بٺوري ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

ميرپور بٺورو (رپورٽ:  شوڪت سومرو )ميرپور بٺورو لڳ ڳوٺ گل حسن زئور ۾ زمين ۾پاڻي کولڻ تان زئور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي  پيو جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڌر جو سوڍو زئور ۽ ٻي ڌر جو انور زئور ڪهاڙيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تعلقي اسپتال بٺورو آندو ويو جتي کين طبي امداد ڏئي زخمي سوڍو زئور کي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس ڪراچي روانو ڪيو ويو آھي، جڏهن ته انور زئور کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سوڍو زئور جي ڀاءُ ساجن زئور ٻڌايو ته حاجي انور وارن گهر جي گهٽي تي زمين ۾ پاڻي کوليو ۽ منع ڪرڻ تي حاجي انور گهر ۾ گهڙي ڀاء سوڍو زئور تي پسٽل جو فائر ڪيو جنهن کي پيٽ ۾ گولي لڳي آهي، ٻي ڌر جي انور زئور چيو ته آئون زمين تان واپس گھر ڏانهن پئي آيس ته سوڍو اڳ ۾ پسٽل کڻي وڙهڻ لاءِ تيار بيٺو هو جنهن مونکي مٿي ۾ پسٽل جا بٽ هڻي زخمي ڪيو آهي هن چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ ۾ هن  زمين ۾ مونکي ٽريڪٽر هلائڻ ڪونه هو ڏنو هن چيو ته مون اهڙي دانهن چڱن مڙسن کي ڏني هئي جيڪي اڄ سرزمين ڏسڻ ٿي آيا ته هن جهيڙو ڪيو آهي. پوليس پاران ٻنهي ڌرين جي فرياد تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.