زرعي يونيورسٽي جي شاگردن جو سهولتن لاءِ ڌرڻو

ٽنڊوڄام (ن ع آ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بوائز هاسٽل ۾ سهولت جي اڻھوند سبب شاگردن پاران رات دير سان ۽ صبح جو الڳ  الڳ ڌرڻا هنيا ويا، ان موقعي تي زرعي يونيورسٽي جي شاگردن  ڪميل ٿلو، سجاد چانڊيو، آصف نور ڪرناڻي ۽ ٻين چيو ته زرعي يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ سهولت جي کوٽ آهي، جنهن ۾ بنيادي مسئلو لائٽ آهي جيڪا هنن امتحانن واري دور ۾ به سهي موجود نه ٿي رهي ان کان علاوه پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ڪيتريون ئي بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن هنن چيو ته امتحان رٿيل آهن، پاڻي نه هجڻ ۽ بجلي نه هجڻ ڪري اسين امتحانن جي تياري نٿا ڪري سگهون، رابطي ڪرڻ تي زرعي يونيورسٽي جي هاسٽل پرووسٽ چيو ته هاسٽل ايترا مسئلا نه آهن صرف بجلي جي لوڊشيڊنگ آهي، بعد م زرعي يونيورسٽي ڪراپ پراٽيڪشن جي ڊين، ڊاڪٽر جان محمد مري، پروفيسر شاھ نواز مري ۽ هاسٽل پرووسٽ خادم وڳڻ پهچي شاگردن سان ڳالهايون ڪيون جنهن بعد زرعي يونيورسٽي جي عملدارن شاگردن کي خاطري ڪرائي ته کين هاسٽل ۾ سهولتن فراهم ڪيو وينديون، انتظاميه جي خاطري بعد شاگردن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

شفيع سرڪي جي موت جي ذميوار بحريا آهي:جلال شاهه

گلشن اقبال (ن ع آ ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينئر ۽ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاھ پاران سينئر قومي ڪارڪن ۽ بحريا ٽائون خلاف هلايل  تحريڪ جي پهرين شهيد شفيع محمد سرڪي جي وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد جلال محمود شاھ جو چوڻ هو ته شفيع محمد سرڪي 6 جون تي بحريا ٽائون ڌرڻي تي ٿيل شيلنگ سبب بيهوش ٿي ويو هو ۽ سندس ڦڦڙ سخت متاثر ٿيا هئا.هن وڌيڪ چيو ته شفيع محمد سرڪي سنڌ ۽ سيد جو سچو عاشق هو جنهن سنڌ سان عشق ۾ مارشلا دور ۾ جيل جون صعوبتون سٺيون ۽ ڦٽڪا کاڌا. هو مسلسل قومي تحريڪ سان لاڳاپيل رهيو. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت ۽ بحريا ٽائون انتظاميا سڌي ريت شفيع محمد سرڪي جي خون ۾ ملوث آهي. سندس تدفين کانپوءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي سندس وارثن سان مشاورت ڪري بحريا ٽائون انتظاميا خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.