درياءَ خان مري لڳ پر اسرار گولي لڳڻ سبب عورت فوت

دريا خان مري  ( ن ع آ ) دريا خان مري ٿاڻي جي حد اٺون واٽر ڪورس لڳ ڳوٺ بھاول زرداري ۾ گھر اندر مبينا طور پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب  نوجوان عورت شڪيلان زال سجاد زرداري موقعي تي فوت ٿي وئي اتفاقي گولي لڳڻ سبب گھر ۾ ڪھرام مچي ويو  واقعي جو اطلاع ملڻ شرط ايس ايڇ او دريا خان مري مجيب الرحمان ناريجو پوليس سان گڏ واقعي واري ھنڌ پھچي وارثن کان تفصيل ورتا فوت ٿيل عورت جي مڙس سجاد زرداري جو چوڻ آھي ته عورت کٽ تان بسترو ويڙھي رھي ھئي ته پسٽل ھيٺ ڪرڻ سان ئي سندس منھن ۾ گولي لڳي جنھن ڪري ھو موقعي تي فوت ٿي وئي، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او دريا خان مري مجيب الرحمان ناريجو ٻڌايو ته پوليس چونڪي ويسر جي ڳوٺ اٺون واٽر ڪورس لڳ بھاول زرداري م گھر اندر گولي لڳڻ سبب نوجوان عورت شڪيلان زال سجاد زرداري فوت ٿي آھي ضروري ڪاروائي بعد فوتي عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي جڏھن ته گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل عورت جي معاملي جي ھر رک کان جاچ ڪئي ويندي ته عورت کي اتفاقي گولي لڳي آھي يا کيس قتل ڪيو ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.