ڏهرڪي لڳ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ٻه سڳا ڀائر زخمي

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏھرڪي ويجھو دادن خان مھر چوڪ لڳ قومي شاھراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر ٿي پيو ٽڪر جي نتيجي  ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان ٻه سڳا ڀائر اينگرو ڪالوني جا رھواسي شاھد ملڪ ۽ جھانذيب ملڪ سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو ويو جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کين رحيميار خان منتقل ڪيو ويو، ھوڏانھن ٽرالر ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏھن ته ٽرالر کي ڏھرڪي پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.