لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، وڏو منشي گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم رشوت وٺڻ دوران ون فاءِ بيس جي وڏي منشي کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري  ورتو، گرفتار وڏي منشي کي اڄ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ون فاءِ بيس ٿري جي اهلڪار علي زيب ابڙو طرفان اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو ۾ هڪ درخواست ڏيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ون فاءِ بيس جو وڏو منشي ساجد علي شيخ ڊيوٽي نه ڪرڻ تان مون کان رشوت گهري رهيو آهي جنهن مون خلاف ڪوڙيون رپورٽون ٺاهي نوڪري تان برطرف ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون اهڙي شڪايت تي ڪالهه اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سرڪل آفيسر امان الله راڄپر جي اڳواڻيءَ ۽ انچارج سول جج عادل عزيز سولنگي جي موجودگيءَ ۾ شهر جي لاهوري محلا ويجهو سوئيڪارنو ٽاور وٽ ڇاپو هڻي رشوت وٺڻ دوران ون فاءِ بيس جي وڏو منشي ساجد علي شيخ کي پئسن سميت گرفتار ڪري کيس اينٽي ڪرپشن ٿاڻي منتقل ڪيو. ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو جي سرڪل آفيسر امان الله راڄپر ٻڌايو ته شهر جي سوئيڪارنو ٽاور وٽ ون فاءِ بيس جو وڏو منشي ساجد شيخ ون فاءِ بيس ٿري جي اهلڪار علي زيب ابڙو کان رشوت وٺي رهيو هو جتي وڏي منشي ساجد علي شيخ کي 10 هزار روپين سميت گرفتار ڪري سندس مٿان علي زيب ابڙو جي فرياد تي گناهه نمبر 2021/03 تحت اهڙو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جنهن کي اڄ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.