ڪورونا هيلٿ الائونس نه ملڻ تي ڊاڪٽر عدالت پهچي ويا

سکر(رپورٽر) سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ملازمن پاران ڪرونا هيلٿ الائونس نه ملڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر پهچي  پنهنجي وڪيل علي رضا بلوچ معرفت پٽيشن داخل ڪرائيندي سيڪريٽري هيلٿ سنڌ، وي سي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته اسان ڪرونا ۾ فرنٽ لائين جو ڪردار ادا ڪري مشڪل حالتن ۾ رات ڏينهن ڊيوٽي ڪئي آهي پر اسان کي رزق هيلٿ الائونس جاري نه ڪيو ويو آهي، هنن عدالت کي استدعا ڪئي ته فرنٽ لائين تي موجود صحت کاتي جي ملازمن ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جن هيلٿ رزق الائونس جاري ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو وڃي، عدالت پٽيشن ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 12 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.