خانواهڻ ۽ ڀرپاسي جي 50 ڳوٺن جي بجلي بند، ڌرڻو

خانواهڻ  ( ن ع آ )  خانواهڻ ۽ ڀرپاسي جي 50 پنجاھ  ڳوٺن ۾ لوڊشيڊنگ خلاف شهري اتحاد خانواهڻ جي سڏ تي اڄ  ٽئين   ڏينهن به عيد گاهه چوڪ کان ريلي ڪڍي سيد چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، جتي اڳواڻن منظور عباسي، سيد عاشق علي شاهه، ڪامران سهتو، غلام نبي سولنگي اصغر تنيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سيپڪو عملدارن هٺ ڌرمي جي حد ڪري ڇڏي آهي، بل پيارڻ جي باوجود روزانو 22 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، مزدور طبقو لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهي، بجلي جي بندش سبب شهري عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهن، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بجلي بحالي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.