ميرپورخاص ۾ لوڊشيڊنگ تي عورتن جي حيسڪو آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه، احتجاج

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ حيسڪو پاران سخت گرمي ۾ 12 کان 14 ڪلاڪن جي غيراعلانيا لوڊشيڊنگ، سڙيل ٽرانسفا رمر تبديل نه ٿيڻ ۽ واڌو بلن کان تنگ رهواسي احتجاج ڪندي روڊن تي نڪري آيا درجنين عورتن حيسڪو آفيس ميرپورخاص پهچي آفيسن مان ڪرسيون ۽ بل آفيسن مان ٻاهر ڪڍي اڇلائڻ بعد ڀڃ ڊاه جي ڪوشش ڪندي حيسڪو حيسڪو جي عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، عورتن جي احتجاج ۽ آفيس ۾ ڀڃ ڊاه جي ڪوشش ۽ حيسڪو جي ڪامورن ۽ ملازمن خلاف ڇتي نعريبازي ڪرڻ تي آفيس جو عملو آفيسون ڇڏي کسڪي ويو جڏهن ته آفيس ۾ موجود سيڪورٽي اهلڪار عورتن کي منٿون ڪندا رهيا جڏهن ته ميرپورخاص جي سومرا پاڙو، گلشن ڪالوني، ميرپورخاص پريس ڪلب، پاڪ ڪالوني، مهراڻ ڪالوني سميت مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۽ ڊگھي بريڪ ڊائونن کا تنگ عوام ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.  ان موقعي تي رهواسين جو چوڻ هو ته ميرپورخاص شهر جي مختلف علائقن جا 15 کان وڌيڪ ٽرانسفارمر سڙيل آهن، حيسڪو پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي 12 کان 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ جي غيراعلانيا لوڊشيڊنگ هجڻ جي باوجود ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا ۽ بلن ۾ ڊيڊڪشن لڳائي اسان لاءِ مسئلا پيدا پيا ڪيا وڃن، خاص طور رات جو سمهڻ وقت 2 وڳي کان صبح جو 5 وڳي تائين لائٽ بند ڪري عوام جو سڪون برباد ڪيو وڃي ٿو ٻارن توڙي وڏن جي ننڊ مڪمل نه ٿيڻ سبب ٻار اسڪول ۽ وڏا پنهنجين ڊيوٽين ۽ ڪم ڪار تي وڃڻ کان لاچار بڻيل آهن ننڊ نه ڪرڻ سبب رهواسي ذهني مريض بڻجي ويا آهن. سڙيل ٽرانسفارمر چار کان 5 ڏينهن تائين تبديل يا مرمت نه ٿا ڪيا وڃن بجلي جي عد فراهمي سبب گھرن توڙي مسجدن ۾ پيئڻ ۽ وضو جو پاڻي به مسئلو بڻجي ويو آهي. بار بار شڪايتون ڪرڻ جي باوجود اسان جي ڪوب ٻڌڻ وارو ناهي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور سڙيل ٽرانسفارمر تبديل يا مرمت ڪرائي غيراعلانيا لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻيصورت ۾ گرڊ اسٽيشن ۽ ڪامورن جي گھرن جو گھيرائو ڪيو ويندو. عورتن پاران حيسڪو آفيس ۾ ڀڃ ڊاه ڪرڻ جي اطلاع تي ليڊي پوليس اهلڪارن حيسڪو آفيس پهچي عورتن کي بجلي جي فراهمي جي خاطري ڪرائي آفيس مان ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.