گهوٽڪي پوليس جون زيادتيون، عورت ڪورٽ پهتي

سکر( رپورٽر )  گهوٽڪي جي ڳوٺ دڙي جي رهواسي عورت مسمات رابعه زال ارشاد چاچڙ گهوٽڪي پوليس ۽ وڏي منشي ياسر چاچڙ جي  زيادتين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پهتي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ٻاهران دانهيندي هن ٻڌايو ته مڙس جي ڪراچي ۾ نوڪري هجڻ ڪري هو ڳوٺ ۾ اڪيلي رهندي آهي جتي گھوٽڪي ٿاڻي جي وڏي منشي ياسر چاچڙ پاران دوستي لاءِ تنگ ڪيو ويو جنهن جي انڪار ڪرڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو ۽ بيگناھ تشدد ڪرڻ سان گڏ حراسان ڪيو آهي. متاثر ناري پاران پنھنجي پيءُ سان گڏجي اڄ ايس ايڇ او گھوٽڪي اظھر علي چنا، سپاھي ياسر چاچڙ ۽ اصغر مھر خلاف ھاءِ ڪورٽ سکر ۾  پنهنجي وڪيل شاهنواز وسير  معرفت پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن بعد عدالت پاران سڀني اھلڪارن کي 04 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.