ميهڙ ۾مزدا ڊرائيور ۽ گڏهه گاڏي واري ۾جهيڙو، فائرنگ

ميهڙ (ت ر ) ميهڙ ۾ ڪوئيٽه کان سبزي ۽ فروٽ کڻي ايندڙ مزدا ڊرائيور ۽ گڏھ گاڏي وارن ۾ هڪ ٻئي کي ڪراس نه ملڻ تان جهيڙو فائرنگ ٻه ڄڻا مزدا ڊرائيور زخمي تفصيل موجب ميهڙ ۾ ڪوئيٽه کان سبزي فروٽ کڻي ايندڙ مزدا ڊرائيور الهجڙيو، ولد  ولي محمد، رحمت الله، ولد ولي محمد، ويٺل رتوديرو جي رهواسين ۽ ميهڙ ۾ گڏھ گاڏي تي مزدوري ڪندڙ اياز کونهارو ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن بعد  دعا ميڊيڪل سينٽر اڳيان کونهارا برادري جا هٿيار بند پهچي ويا جتي لٺين ۽ ڏنڊن لوھي شيخن سان حملو فائرنگ ٻه ڄڻا الهجڙيو ۽ رحمت الله ولد ولي محمد زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تعلقه اسپتال ميهڙ پهچايو ويو، مزدا مالڪن ۽ زخمي ڊرائيورن پاران ميهڙ ٿاڻي تي اياز کونهارو ۽ ٻين نامعلوم جوابدارن ڏسنداسين ته سڃاڻپ ڪنداسين  اهڙي اين سي داخل ڪرائي ڇڏئي آهي.

حيدرآباد ۾ مختلف واقعن دوران 2 ڄڻا فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مختلف واقعن دوران 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. سخي پير ٿاڻي جي حد شهاب سئنيما روڊ تي تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٿڏي تي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو  لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته ڪار ڊرائيور موقعي تان ڪار سميت فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سخي پير ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد پريل موريو تصديق ڪئي ته حادثي دوران کاتا چوڪ جي رهواسي مشتاق احمد پٽ محمد حسن قريشي فوت ٿيو آهي جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او موجب فوتي شهر کان واپس پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته ڪار سان حادثو پيش آيو جنهن دوران هو موقعي تي فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي مارڪيٽ جي لبرٽي چوڪ وٽان اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ آيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش 50 کان 55 ورهين جي شخص جو لڳي رهيو آهي جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ان ڪري لاش مرده خاني ۾ امانت طور رکرايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.