ڪورونا جي چوٿين لهر ۽ حڪومتي اُپاءَ

ايڊيٽوريل

حڪومت وري انهيءَ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڇوٿين لهر اڀري رهي آهي ۽ هاڻي وارو وائرس هندستان مان اچي رهيو آهي جيڪو پنهنجي فطرت ۾ انتهائي نقصان ڪار ۽ موت مار آهي، صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ 50 سيڪڙو ڊيلٽا ويريئنٽ جا ڪيس آهن، پاڪستان ۾ جيڪي ويڪسينز لڳرايون پيون وڃن اُهي ڊيلٽا ويريئنٽ جي لاءِ موثر آهن. ڊاڪٽر نوشين جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ ڪا به ويڪسين 100 سيڪڙو ڊيلٽا ويريئنٽ جي لاءِ موثر ناهي، ويڪسين لڳڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪورونا ٿي وڃي ته وڌيڪ متاثر نه ڪندو. ٻئي طرف ڪراچي ۾ ڊيلٽا وائرس جي 35 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، صحت کاتي سنڌ موجب لياري جي هڪ ئي خاندان جي 5 ڀاتين ۾ هندستاني وائرس جي تصديق ٿي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي وائرس متاثرن ۾ سخت قسم جون علامتون ظاهر ٿيون آهن.

وائرس جي ڇوٿين لهر جي شدت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ حڪومت جو هڪ اعلى سطحي اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾  ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جي اڀار کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري اپاءَ ورتا ويا آهن جن تحت عوام کي وري اڳ جاري ڪيل ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، جڏهن ته هاڻي جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن، انهن تحت پهرين کان اٺين جي ڪلاسن تائين اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انڊور ڊائننگ سميت عام جڳهن تي ميڙ ڪرڻ، شادي هالن جي سرگرمين تي پڻ پابندي لڳائيندي عوام کي فوري طور تي وئڪسين ڪرائڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت پاران ايتري ته سختيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي جو، جيڪڏهن ڪو شهري وئڪسين نه ڪرائيندو ته ان جو سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيو ويندو. جڏهن ته  اين سي او سي جو پڻ اهو ئي چيو آهي ته جيڪڏهن ڊيلٽا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ احتياط نه ڪيا ويا ته ان جا نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪري سگهن ٿا. ان وائرس جي ڪري ڀارت ۾ نه رڳو لاتعداد فوتگيون ٿيون پر مختلف اسپتالن ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي جي ڪري مريض بي يارو مددگار تڙپندا رهيا. تنهن ڪري پاڪستاني عوام کي ان وائرس جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ اين سي او سي پاران سخت قدم کنيا ويا آهن.

اها انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف حڪومت ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر کي انتهائي سنجيدگيءَ سان ڏسي رهي آهي ۽ انهيءَ سنجيدگيءَ جي حوالي سان اپاءَ به کڻي رهي آهي پر انجي ابتڙ عوام ڪورونا کي اڃان تائين مذاق، سازش ۽ عالمي طور تي ميڊيا جي هڪ پروپيگنڊا سمجهي رهيو آهي. ڪورونا هڪ حقيقت آهي يا افسانو آهي، سموري دنيا ۾ اهو هڪ بحث آهي جيڪو جاري آهي، ان جي حق ۾ به دنيا جا ڪيترائي طب جا ماهر ايتري قدر جو وائرس جي علم جا ماهر اها ڳالهه زور ڏئي ڪري رهيا آهن ته ڪورونا هڪ حقيقت آهي جڏهن ته ان جي مخالفت ۾ پڻ طب جي دنيا جا ماهر ۽ وائرس جي علم جا ماهر دليل سان اهو چئي رهيا آهن ته ڪورونا وائرس جيترو خطرناڪ ٻڌايو پيو وڃي اوترو خطرناڪ نه آهي،  اهو به هڪ اهڙو ئي وائرس آهي جهڙا ٻيا وائرس آهن، ان کي جيترو ڦهلجڻ ڏنو ويندو ايترو ئي اهو جلد ختم ٿي ويندو.

پر هن موقعي تي ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته گذريل سال کان وٺي سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي ڪري جيڪي موت ٿيا آهن، اهي هڪ حقيقت آهن جنهن کي رد ڪري نه ٿو سگهجي، ڪورونا جي ڪري دنيا جا اهي ملڪ جيڪي نظرياتي، سياسي، فڪري ۽ معاشي حوالي سان هڪ ٻئي جا مخالف آهن، پر ڪورونا جي معاملي تي هڪ ئي نقطي تي متفق آهن ته ڪورونا آهي، ان لاءِ دنيا جي اڪيچار ملڪن ڪورونا جي خاتمي لاءِ الڳ الڳ ويڪسين ايجاد ڪيا آهن، ان ڪري اهڙي راءِ ته ڪورونا هڪ ڊرامو آهي يا ڪا سازش آهي اهڙي ڳالهه ۾ ڪوبه وزن نه آهي.

سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس جي حوالي سان جنهن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، اسين سمجهون ٿا ته اها بجا آهي، تنهنڪري سنڌ جي عوام سميت سموري ملڪ جي عوام کي وفاقي توڙي صوبن جي حڪومتن پاران جيڪي چتاءَ ڏنا وڃن ٿا، جيڪي ايس او پيز جاري ڪيون وڃن ٿيون انهن تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي، هن موقعي تي اسان جي حڪومت کي ميار ڏيڻ مناسب نه ٿو لڳي ڇو جو ڪورونا جي پهرين لهر کان وٺي هن ڇوٿين لهر تائين وفاقي توڙي سنڌ سرڪار جيڪي اپاءَ ورتا آهن اهي تعريف جوڳا آهن، پر افسوس ان ڳالهه جوآهي ته عوام هميشه ڪورونا کي مذاق سمجهندو رهيو آهي ۽ ان جي علاج لاءِ حڪومت جنهن ويڪسين جا انتظام ڪندي رهي آهي ۽ ان کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ جيڪي اپاءِ وٺندي رهي آهي عوام انهن کي سنجيده نه ٿو وٺي، ظاهر آهي جيڪڏهن عوام حڪومت جي اپائن ۽ صلاحن تي عمل نه ڪندو ته ان جا نتيجا هر صورت ۾ اگرا ئي نڪرندا، تنهنڪري اسان عوام کي هن موقعي تي اها ئي گذارش ڪنداسين ته مهرباني ڪري ڪورونا جي هن ڇوٿين اڀار کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي اعلانيل ايس او پيز تي عمل ڪريو ۽ وڌ ۾ وڌ پاڻ کي ڪورونا وئڪيسن ڪرائي محفوظ ڪريو. ان ڏس ۾ ڪنهن به غير ذميوار سوچ ۽ عمل جا نتيجا انتهائي نقصان ڪار نڪري سگهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.